Sunday, September 16, 2007

محنت، مثبت سوچ ۽ روين جي غربت

محنت، مثبت سوچ ۽ روين جي غربت
سيد عرفان علي شاهه

ڪجهه عرصو اڳ مون کي هڪ واقفڪار پاران هڪ اي ميل ملي، جنهن ۾ غريب ۽ امير ملڪن جي وچ ۾ فرق واضح ڪيو ويو هو. ڄاڻايو ويو هئو ته ترقيءَ جو تعلق ڪنهن ملڪ وٽ زمين جي هجڻ، نه هجڻ سان نه آهي. جپان جي اڪثريتي آبادي پهاڙن تي مشتمل آهي، پوءِ به هو دنيا جو ٻيو نمبر اقتصادي طور تي مضبوط ملڪ ليکيو وڃي ٿو. ترقيءَ جو راز ڪنهن ملڪ جي قديم هجڻ سان به واسطو نٿو رکي. انڊيا ۽ مصر ٻه هزار سال قديم آهن، پوءِ به اڄ تائين غير ترقي يافته آهن. جڏهن ته 0 5 1 سال آڳاٽا ملڪ ڪيناڊا، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ترقي يافته چورائن ٿا. رنگ يا نسل سان به ڪو امير يا غريب ناهي ٿيندو. پنهنجي ملڪن ۾ سست ۽ بيڪار چورائيندڙ امير ملڪن ۾ وڃي، ان جي پيداواري قوت بنجي ويندا آهن. ان صورت ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته نيٺ به اصل فرق ڪهڙو آهي؟ دراصل ڪيترن سالن کان انهن ملڪن جي مقرر ڪيل تعليم ۽ ڪلچر سبب پيدا ٿيندڙ ذميوارانه روين جو فرق آهي. امير ملڪن ۾ گهڻا ئي انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي ايمانداري، ذميواري، قانون جو احترام، پنهنجي شهرين جي حقن جو احترام، ڪم ڪرڻ جو شوق ۽ وقت جي پابندي ڪندا آهن ۽ غريب ملڪن ۾ انهن اصولن تي فقط ٻه يا ٽي سيڪڙو ماڻهو عمل ڪندا آهن. اسان غريب ان ڪري نه آهيون ته اسان وٽ وسيلا نه آهن يا قدرت اسان تي مهربان نه آهي، پر اسان پنهنجي روين جي ڪري غريب آهيون.

ويجهڙائي ۾ پارٽي جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لنڊن وڃڻ جو اتفاق ٿيو. ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيس ته ڪسٽم آفيسر پڇيو ته ڪيڏانهن پيا وڃو؟ مون وراڻيو ته لنڊن. چيائين: ڇو؟ مون چيو ته پارٽي ميٽنگ آهي. جڏهن کيس سڌ پئي ته مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آهيان، تڏهن هن منهنجو تمام گهڻو خيال ڪيو ۽ بورڊنگ ڪارڊ وٺي، اميگريشن ڪائونٽر تان اسٽيمپ لڳرائي، مون کي اندر ڇڏي آيو. مون سوچيو ته سڀاڻي جيڪڏهن مان ايم پي اي نه رهندس، تڏهن به منهنجو ايترو خيال رکيو ويندو؟. ۽ ڇا هو عام ماڻهن سان به ايئن ئي پيش ايندو هوندو؟.
لنڊن پهتاسين ته دل کي خوف ورائي ويو ته پاڪستاني پاسپورٽ هجڻ جي ڪري تنگ نه ڪن، پر ڪجهه سوال پڇي، هنن آسانيءَ سان وڃڻ ڏنو. لنڊن ۾ زير زمين ريل هلندي آهي، جنهن کي ٽيوب ٽرين چوندا آهن. اها سڄي شهر ۾ هلندي آهي. هڪ سئو سال اڳ ڪنهن ڪمپني ڪوئلي جي کاڻ خريد ڪئي هئي ۽ ڪوئلي کي ڪڍڻ لاءِ انهيءَ ڪمپنيءَ هڪ سرنگ ڪڍي هئي. ڪنهن کي خيال آيو ته ڇو نه هيٺ موجود خالي سرنگ ۾ ٽرين جي وڇايل پٽڙي کي پئسينجر ٽرين هلائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. اڄ ڏسي سگهجي ٿو ته لنڊن ۾ زير زمين ڪيترا ئي پليفارم ۽ شهر آباد آهن ۽ پئسينجر ٽرينون گذري رهيون آهن، جن ۾ ڏهاڙي هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو سفر ڪن ٿا. ٻئي پاسي اسان آهيون، جيڪي ڇهن فوٽن جو گٽر يا ڪا نالي به ٺاهڻ کان لاچار آهيون. سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ماڻهو گهرن ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ ٽرين ۾ ويهندا آهن ته هر شخص وٽ ڪجهه نه ڪجهه پڙهڻ لاءِ ضرور هوندو آهي. هو آفيس کان گهر تائين جي سفر کي پڻ لاڀائتو بڻائيندا آهن. ڪو به ڪنهن جي باري ۾ ڪجهه به ڄاڻڻ يا خبر چار رکڻ لاءِ بيقرار نه هوندو آهي. هر ڪو پنهنجي زندگي جيئندو آهي. هر شئي طئي ٿيل آهي. جيڪڏهن هو چوندا ته ڪنهن جڳهه تي ڏهن منٽن ۾ پهچڻو آهي ته ڏهه منٽ ئي لڳندا. هيءَ هڪ سوچ آهي، هڪ رويو آهي، جيڪو ئي امير بڻائي ٿو. هتي ٽيهه سال کن اڳ روزگار جي سلسلي ۾ آيل پاڪستاني ۽ هندستاني اڄ امير ترين ماڻهو سڏجن ٿا. هتي ماڻهوءَ جي روزمرهه جي استعمال جون شيون هڪ ئي قيمت تي ملنديون، هتي اوهان جي آئيڊياز کي اهميت هوندي آهي.

ان جي ابتڙ اسان پنهنجن روين تي ويچار ڪريون ٿا ته اسان کي خبر ئي نٿي پوي ته اسان ڇا آهيون ۽ ڇا پيا ڪريون. اسان وٽ ترقي جو راز محنت يا تعليم نه آهي، ذاتي تعلقات آهن. هر شخص پنهنجي حيثيت مطابق تعلقات وڌائي رهيو آهي. ڪنهن کي نوڪري کپي، ته ڪنهن کي ٺيڪو، ڪنهن کي اليڪشن ۾ سيٽ، ڪنهن کي وزارت، ڪنهن کي بئنڪ کان قرض کپي ته ڪنهن کي بئنڪ کان قرض معاف ڪرائڻو آهي. اسين مختلف زبانن ۾ ورهايل آهيون ۽ ڪي وري فرقن ۾. جيڪڏهن سڀ سنڌي آهيون ته پوءِ جتوئين ۽ مهرن ۾ ورهايل آهيون. مون کي وڏي شڪايت انهن ماڻهن ۽ ادارن سان آهي، جيڪي ماڻهن جي اهڙي ذهينت جوڙين ٿا. اسان سڀ زهر اوڳاڇيون ٿا. لکون، پڙهون، ٻڌون ۽ ڳالهايون به زهر ٿا. هڪ گدلاڻ اها آهي، جيڪا دونهين ۽ دوائن جي فيڪٽرين جي ڪيميڪلز سان اسان جي ماحول، وراڪ کي خراب ۽ زهريلو ڪري رهي آهي ته ٻي گدلاڻ اها آهي، جنهن سان اسان سڀ پنهنجي ماڻهن جي سوچ کي گدلو ۽ زهريلو بڻائي رهيا آهيون. ڪو به سياستدان حق سچ جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ڪو به لکندڙ پنهنجي معاشري کي آرسي ڏيکارڻ لاءِ تيار نه آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مون هڪ شخص کي چيو ته تون پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول جي استاد کي ڇو نه ٿو چوين ته هو ڏهاڙي اسڪول اچي؟ هن جواب ڏنو، مائٽ آهي، سڀ مائٽ ناراض ٿيندا. مون کيس چيو ته هي ٻارڙا اوهان جا نه آهن؟ ڇا هنن سڀني جي مستقبل کان وڌيڪ تولاءِ هڪ شخص جي ناراضگي اهم آهي؟ تنهن تي چوڻ لڳو ته سائين مون کيس هڪ ڀيري چيو هو، ته چيائين، ”تو ڪڏهن پهرين ته نه چيو آهي. جڏهن کان موٽر سائيڪل ورتي اٿئي، تڏهن کان شڪايتون ڪرڻ لڳو آهين“. اهو به هڪ رويو آهي. سماج ۾ تعليم تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي، هر شخص سياست تي ڳالهائڻ چاهي ٿو. هر هوٽل هر اوطاق تي فقط اهو بحث آهي ته ڪير ڪنهن جي سامهون بيهندو؟ ڪير اليڪشن کٽيندو؟ ڪير هارائيندو؟ هن جا تعلقات هن سان سٺا آهن، هن جا هن سان خراب آهن. هڪ ڏينهن اسيمبلي ۾ ته همت ڪو نه ٿيم، پر ٻاهر اچي دوستن کي چيم ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس مبارڪ تي اسڪولن کي موڪلون ڇو هجن؟ ته سڀ مون تي ڏاڍا ناراض ٿيا. مون چيو ته ڇا اهو سٺو نه ٿيندو ته ان ڏينهن سمورا اسڪول کليل هجن ۽ فقط شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت ٻارن کي پڙهايو وڃي، موڪل سان ته ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. اسان جو ڪلچر، عقيدو ۽ علم ايترو ته پڪو ٿي ويو آهي، جو اسان ٻيو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهيون. اڄ جيڪڏهن مان چوان ته ادا اوهان سڀ علم حاصل ڪريو، سڀاڻي جيڪڏهن مون کي موقعو مليو ته مان توهان کي ميرٽ تي نوڪري ڏيندس، ته ڪير به مون کي ووٽ ڪو نه ڏيندو. جيڪڏهن مان چوان ته فرد واحد بجاءِ مان ادارن ٺاهڻ کي ترجيح ڏيندس ته سنڌ ۾ مون کي هڪ بيڪار سياستدان سمجهيو ويندو.
دنيا ۾ قانون سخت ۽ نافذ ڪرڻ وارا نرم هوندا آهن. جڏهن ته اسان وٽ قانون نرم ۽ نافذ ڪرڻ وارا سخت پئي رهيا آهن. اسان وٽ اختلاف راءِ کي دشمني سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي جي راءِ سان متفق نه آهيون ته ڄڻ دشمن ليکباسين. هڪ ٻئي جي ڳالهه کي ڪٽي، بلند آواز ۾ ڳالهائڻ کي هميشه سوڀ جي شاني سمجهيو ويندو آهي. تمام وڏا لکندڙ پنجن ڏينهن جون پراڻيون اخبارون پڙهي، تجربا لکي وٺندا آهن. ماڻهن ۽ انهن جي مسئلن تي ڪو به نه لکندو آهي. سوچي ڪير به ڪو نه ٿو، ڪو به خواب ڏسندڙ نه رهيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هو ته مان هڪ آئيڊيا آهيان، هي ماڻهو مون کي مارڻ نه پر هڪ آئيڊيا کي مارڻ چاهين ٿا. شايد دشمن جي چال سگهاري هئي، جو ان کان پوءِ اسان سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي. اڄ تائين مون کي ياد نه آهي ته ڪنهن عام ماڻهو يا صحافيءَ مون کان اهو پڇيو هجي ته اوهان جي پارٽيءَ جو منشور ڇا آهي؟ بيروزگاري ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿي؟ نوجوانن ۽ ٻارڙن جي تعليم لاءِ اوهان وٽ ڪهڙي پلاننگ آهي؟. اسين بيمار ٿيون ته اسان لاءِ اوهين ڇا ڪندا؟ اجتماعي سوچ جي ڪمي آهي. هر ڪو پنهنجي ذات تائين محدود آهي. اسان سڀني گڏجي، فرد واحد کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ادارن کي ڪمزور. هڪ شخص پنهنجي شخصي واسطن جي بنياد تي ڊي پي او بڻجي وڃي ٿو، پر هڪ محنت ڪندڙ ماڻهو فقط ڪلارڪ ئي رهي ٿو. اڄ به وڏن وڏن آفيسرن جو سمورو ڪم ڪلارڪ ئي ڪندا آهن. انهن کي سڀ ڪجهه ڪرڻ ايندو آهي. وڏا آفيسر صرف پنهنجو نوٽ لکي، فائيل موڪلي ڏيندا آهن. اڄ به هڪ فرد واحد اسيمبلين جي اجلاسن کي سڏائڻ ۽ نه ڏائڻ جو اختيار هٿ هيٺ رکيون ويٺو آهي ۽ اڪيلي سوچ کي اسان مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سوال اهو آهي ته اسان کي نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
منهنجي ويچار موجب سڀني ادارن جهڙوڪ سياسي پارٽين، ميڊيا، انصاف جو ادارو وغيره کي پهرين پنهنجن ماڻهن سان ويهي، پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي، پنهنجين غلطين کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته اسان ان ڪهڙيون ڪهڙيون ۽ ڪٿي ڪٿي غلطيون ٿيون آهن. اسان ڪٿي اوهان سان ڪوڙ ڳالهايو، غلط معلومات فراهم ڪئي ۽ ڪهڙا فيصلا ڪيا. اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته اڳتي ڪڏهن به ائين نه ٿيندو. ميڊيا اهو ٻڌائي ته سماج ۾ فقط ڪاروڪاري ۽ خونريزيءَ جا واقعا نه پيا ٿين، پر ڪجهه ۽ ڪٿي چڱا ڪم به ٿي رهيا آهن. انصاف جا ادارا هڪ مهيني اندر هر ڪيس جو فيصلو ٻڌائين. هر شهريءَ کي اهو حق هجڻ گهرجي ته هو واپڊا سان لاڳاپيل ڪنهن به آفيس ۾ درخواست ڏئي ۽ ان جي بجلي لڳي وڃي. هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملڻ گهرجي. ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ بجاءِ انهن اسڪيمن لاءِ قانون سازي ڪجي ۽ انهن جي نظرداري به ٿيڻ کپي. سماج ۾ صاف سٿرن ترقياتي ڪمن کي ميڊيا ۾ جاءِ ملڻ گهرجي. ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته سندن حقن سان گڏ سندن ڪهڙيون ڪهڙيون ميواريون آهن. هر اداري ۾ وقت جي پابنديءَ کي يقيني بڻايو وڃي. جيتوڻيڪ مٿيان سڀئي ڪم اسان جي سوسائٽي ۾ مشڪل ضرور آهن، پر ناممڪن نه آهن. صحتمند ٿيڻ لاءِ ڪڙي دوا ته پيئڻي پوندي. نه اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي ۽ نه اسان جي ماڻهن ۾ قابليت جي ڪمي آهي. فقط حوصلي افزائيءَ جي ڪمي آهي. اسان کي پنهنجا ٻنيون ٻارا به آهن، ته صحرا به، ثقافت به آهي ته لوڪ گيت به ۽ تاريخي ورثو به آهي. فقط هڪ بهتر رويي جي ڪمي آهي، جنهن سبب اسان غريب آهيون.

1 comments:

مير عطا محمد ٽالپور said...

اسان جون اخبارون آرٽيڪل ڇپڻ ۾ ترجيح سنسني خيز، سياسي ۽ ادبي مواد کي ڏين ٿيون.اهو ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته عوام جي دلچسپي ۽ ٻيو اخبار جي ايڊيٽوريل بورڊ جي اهليت. ٽي وجه آهي اخبار جي مالڪن جي پاليسي. اصلاحي مواد وارا آرٽيڪل اخبارن ۾ تمام گهٽ ڇپبا آهن. ۽ اهڙو مواد لکڻ وارا به ته ڪي تمام گهڻا ناهن. سيد عرفان شاه جو هي آرٽيڪل ٻين سنسني خيز لکڻن کان مختلف ۽ مثبت آهي ۽ اخبار وارن ڇپيو به آهي (روزاني ڪاوش)، جيڪا هڪ چنڱي ڳاله آهي. جيئن ته هي لکڻي هڪ مستقل اهميت رکندڙ آهي ۽ اخبار ۾ آرڪائيوو جي سهوليت ناهي، ان ڪري هن بلاگ تي پوسٽ ڪرڻ مناسب سمجهيم۔

Post a Comment