اڄ 31آگسٽ 2007 تي ملئيشيا پنهنجو پنجاه ساله جشن آذادي ملهائي رهي آهي. جنهن جا جشن ڌوم ڌام سان ملهايا پيا وڃن. ملاڪه ۾ به جشن آزادي يا "مرديڪا"جا رنگ هر طرف وکريل نظر اچن ٿا . آزاد ٿئي ملئيشيا کي هاڻ پنجاه سال پورا ٿيا آهن. انهن پنجاه سالن ۾ ملئيشيا جيتري ترقي ڪئي آهي، سا سنڌين لاءِ هڪ مثال آهي. هتي جي ترقي ڏسي ذهن ۾ اهيو سوال ضرور اٿي ٿو ته آخر سنڌي ماڻهو ڇو اها ترقي نه ڪري سگهيو آهي جيڪا هتي جي چينين ۽ ملئي ماڻهن ڪئي آهي. هتي به مسئلا آهن، نسلي فرق ۽ تضاد آهن، پر تنهن هوندي به معاشي ميدان ۾ سڀ قومون پنهنجي معاشي ترقي کي اوليت ڏينديون رهيون آهن. معاشي ميدان ۾ چيني ڪافي تيز آهن. ملئي ڪافي پوئتي پيل آهن پر آزادي وقت هنن سندن آئين ۾ اهڙا تحفظ رکي ڇڏيا جن سان هنن کي ملڪ ۾ خاص "ڀومي پُترا“ اسٽيٽس حاصل آهي. ملئيشيا جي ٻين رهواسين کي اهڙي خاص حيثيت حاصل ناهي۔
چينين ۽ انڊين تاملن کي جيتوڻيڪ ملئي اڪثريت رکندڻن جو اهيو آئيني تحفظ ڪجهه ناپسند آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه سان اتفاق ڪن ٿا ته آئين جون اهي شقون جيڪي ملئي ماڻهن کي ڀومي اسٽيٽس ڏين ٿيون، انهن ملئي نسل جي ماڻهن لاءِ ضروري به آهن جو هو ڪافي پوئتي پيل آهن. سنڌي ماڻهن کي به پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي تحفظ جي ضمانت ڏيندڙ آئيني گيرينٽي جي ضرورت هئي مگر ايئن نه ٿيو. ملئي قوم جي"ڀومي پُترا"حيثيت ۽ گهڻ مذهبي، گهڻ ثقافتي سماج جي باوجود هن ملڪ جي شاندار ترقي جي ڪهاڻي لاءِ ضروري آهي ته ملئيشيا جي آزادي جي تحريڪ ۽ هن جي ڊيموگرافي ۽ سلطنت ملاڪه کان ملايا ۽ پوءِ ملئيشيا ٿيندڙ ملڪ بابت ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪجي۔
هن مضمون جو باقي حصو پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔


0 comments:
Post a Comment